جهنگ ٻِلو (Jungle Cat/ Felis chaus)

جهنگ ٻِلو (Jungle Cat/ Felis chaus)

جهنگ ٻِلو (Jungle Cat/ Felis chaus)

جهنگ ٻِلو (Jungle Cat/ Felis chaus): هيءُ ٻلو جيئن ته ٻليءَ جي جهنگلي نسل مان آهي، تنهنڪري هن کي جهنگ ٻلو يا جهنگراڙ ٻلو سڏيو ويندو آهي. جهنگ ٻلو سنڌ ۾ ٿيندو آهي. هن ٻلي جو قد 20 کان 37 انچ ۽ وزن ۾ 4 کان 16 ڪلو هوندو آهي. درياهن ۽ پاڻيءَ وارن هنڌن جي ويجهو رهڻ ۽ شڪار ڪرڻ سبب ان کيReed Cat or Swamp Cat به چئبو آهي. ان جي پشم سرمائي ناسي يا ڳاڙهسري هيڊي ٿئي ٿي. هن جي ٽنگن ۽ پُٺيءَ تي ڪارسريون پٽيون ٿينديون آهن. جهنگ ٻلي جو پڇ ننڍو ۽ ڪَنن جي وارن جا مُچا ننڍا ٿيندا آهن. هن جي پڇ تي ڪارا ڇلا ٿيندا آهن ۽ ٽنگون وڏيون هونديون اٿس. جهنگراڙ ٻلو وڻڪار يا ٻوٽن ۾ رهندو آهي، ڪوشش ڪندو آهي ته پاڻيءَ جي ويجهو هجي. اڪثر رات جو نڪرندو آهي ۽ هر قسم جو شڪار ڪندو آهي. وڻن تي چڙهي پکي شڪار ڪندو آهي. ٻهراڙين ۾ پالتو پکين ۽ ننڍي مال تي حملو ڪندو آهي. هن جي مادي ٻچا ڏيڻ مهل سيڙهه يا ڪنهن ٻئي جانور جي ڏرڙ تي قبضو ڪندي آهي. 66 ڏينهن پيٽ سان هوندي آهي ۽ سراسري طور ٽن کان پنج پلونگڙا ڄڻيندي آهي.
هي ٻلو ڏينهن جي وقت ٻرن ۽ گهاٽي گاهه يا وڻن ۾ آرام ڪندو آهي. اڪيلائي پسند آهي.
هن جو هڪ ٻيو قسم به جهنگراڙ ٻلو سڏبو آهي، جيڪو صحرائن ۾ ٿيندو آهي. ان جو انگريزي نالو (Wild Desert Cat Felis Silvertrics) هوندو آهي، جنهن جو رنگ هيڊو پٿريلو ٿيندو آهي. هن جي ٿلهي پشم تي قطار ۾ ليڪائي ٽٻڪا ٿيندا آهن، جيڪي پڇ تي ڇلي وانگر ڦِري ايندا آهن. هي ٻلو زمين جي ڏرڙن ۽ وڻن جي ٿڙن ۾ رهندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو